مون ۾ ٿي عيب هزار

مون ۾ ٿي عيب هزار
 حال منهنجو توکي معلوم آهي 
ٻئي ته ڪنهن سان منهنجو ڇا هي
 سائين منهنجا سردار

 نينهن لڳو آ تو سان جائي
 لوڪ عالم کي خبر نه ڪا ئي
 دم نه ٿجانءِ مونکان ڌار

 عشق تنهنجي مدهوش جو ڪيڙو
 کائڻ پيئڻ سڀ زهر جو ٿيئڙو
 وسري ويا سنسار

 سڪندي وئي آ عمر ساري
 درد فيراقن وڇوڙي ماري
 رووان ٿي زارو زار

 چيزل“ عشق اڻانگو آهي”
 سر جو سانگو ڇڏ تون لاهي
 هڻي نعرو ٿي نروار 


No comments:

Post a Comment